اسلام آباد-10 جون (اي پي پي)قومي صحت واري وزارت آبادي جي حوالي سان قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي منصوبي لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت ايندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ 100 ملين روپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. اڱاري ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي دستاويزن موجب منصوبي تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 1998.820 ملين روپيا آهي ۽ اميد آهي ته 30 جون 2025ع تائين منصوبي لاءِ 424 ملين روپين جا فنڊ جاري ڪيا ويندا. واضح رهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ آءِ ڊي ايس آر ايس منصوبي لاءِ 100 ملين روپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي.