اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي 4 جاري منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 1105 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ڪالهه جاري پي ايس ڊي پي موجب جاري منصوبن تحت پراجيڪٽ مئنجمينٽ يونٽ آن سي پيڪ لاءِ 150 ملين رپيا رکيا ويا آهن، سيڪٽرل ميپنگ اينڊ ريگيوليٽري ريفارمز لاءِ 117 ملينر پيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون لاءِ 127.930 ملين رپيا رکيا ويا آهن. ڊجيٽل معيشت وڌائڻ جي منصوبن جي قيام لاءِ 710.500 ملين رپيا رکيا ويا آهن.