اسلام آباد-01 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته باعزت روزگار، انصاف ڀري اجرت، سماجي تحفظ هر پورهيت جو بنيادي حق آهي، پيپلزپارٽي پورهيت طبقي جي حقن، وقار ۽ کين بااختيار بڻائڻ بابت پنهنجي تاريخي ۽ پختي عزم سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداري مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا جي مزدورن کي خراج تحسين پيش ڪندي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪون ڏنيون ۽ انهن جي ثابت قدمي ۽ محنت کي سلام پيش ڪيو. هن چيو ته پورهيت ئي اسان جي معيشت ۽ قوم جي ڪرنگهي جي هڏي جي حثيت رکن ٿا. پاڪستان پيپلزپارٽي مزدور طبقي جي حقن، وقار ۽ کين بااختيار بڻائڻ بابت پنهنجي تاريخي ۽ پختي عزم سان گڏ بيٺل آهي. هن جو چوڻ هو ته پهرين مئي نه رڳو شڪاگو جي مزدورن جي قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي جن مناسب اجرت ۽ باعزت ڪم جي حالتن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجون جانيون ڏنيون پر اسان کي هن جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ جو عزم به ڏياري ٿو. بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي شروع کان ئي مزدورن طبقي جي ڪلهن سان ڪلهو ملائي جدوجهد ڪئي. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو مزدورن کي يونين سازي جو حق ڏنو پر کين فلاح لاءِ اي او بي آءِ جهڙو ادارو به قائم ڪيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻجي ته سندس پهريون حڪم آمريت جي دور ۾ سياسي بنيادن تي قيد مزدورن جي آزادي جو هو. اهڙي طرح آصف علي زرداري جي پهرين حڪومتي دور ۾ به سڀني مزدور مخالف شقن کي آئين مان ڪڍيو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي پهرين حڪومتي دور ۾ پگهارن ۽ پينشن ۾ تاريخي واڌ ڪئي وئي، اسان پنهنجي قيادت ۾ ان ورثي کي فخر سان اڳتي وڌائي رهيا آهيون.