اسلام آباد-01 مئي (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پورهيت طبقي کي ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته مزدور نه رڳو حڪومت پر معاشري جي سڀني لاڳاپيل طبقن طرف خصوصي ڌيان جا حقدار آهن. ڪالهه مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان پنهنجي مزدورن جي قربانين ۽ ڪاميابين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن خاطري ڪرائي ته وفاقي حڪومت مزدورن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته ليبر فورس اسان جي ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو.هن چيو ته هڪ مضبوط ۽ خوشحال مزدور طبقو هڪ ترقي يافته ۽ خوشحال قوم جي صورت ۾ نڪرندو. هن چيو ته مزدورن جو عالمي ڏينهن نه رڳو پورهيتن جي جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو پر معاشي ترقي ۾ انهن جي ڪردار جو اعتراف پڻ آهي. اچو ته گڏجي هڪ اهڙي مستقبل طرف وڌون جتي هر مزدور جو قدر ۽ عزت هجي، ان جو مستقبل محفوظ ۽ خوشين سان ڀرپور هجي.