اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي سدائين مذمت ڪئي آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان فرنٽ لائين ڪردار ادا ڪندي 90 هزار جانين جي قرباني ۽ 152 ارب ڊالر جو معاشي نقصان کنيو، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي، ڀارت جي پاڻي جارحيت مذمت جوڳي آهي، هو هڪطرفي طور تي سنڌ طاس معاهدي کان انحراف نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي سفير جيانگ زيڊونگ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا جي موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي مضبوط ۽ ثابت قدم حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا. چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي وچ ۾ تازي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم 22 اپريل 2025ع کان ڀارت جي قدمن جي حوالي سان پاڪستان جي اصولي موقف کي سمجهڻ تي چين جا ٿورا مڃيا، خاص طور تي وزيراعظم ان واقعي جي اعتماد جوڳي ۽ شفاف عالمي جاچ جي لاءِ پنهنجي مخلصاڻي آڇ جي توثيق تي چين جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين دهشتگردي جي هر شڪل ۾ مذمت ڪئي آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائين اسٽيٽ جي طور تي پاڪستان 90 هزار کان وڌيڪ جانين جو نذرانو پيش ڪيو جڏهن ته ملڪ سان گڏوگڏ باقي دنيا کي هڪ محفوظ مقام بڻائڻ جي ڪوششن ۾ 152 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان کنيو. هن چيو ته ڀارت جا جارحاڻا قدم پاڪستان جو ڌيان ان جي آءِ ايس ڪي پي، ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي جي خلاف جاري دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن تان هٽائي سگهن ٿا جيڪي افغانستان جي اندران ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ڀارت جو پاڻي کي جارحيت جي لاءِ هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ جو فيصلو انتهائي افسوسناڪ آهي، سنڌ طاس معاهدي تحت ڪنهن به ڌر کي هڪطرفي طور تي معاهدي کان انحراف جو حق نه آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. چيني سفير پاڪستان جي موقف ۽ حقيقتن تي تفصيلي طور تي روشني وجهڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان پاڪستان ۽ چين جي گڏيل خواهش کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سدائين پاڪستان جي حمايت ڪندو.