اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ ڊجيٽل تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل ديما اليحيي پاڪستان ۾ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان سان ملڪ ۾ ترقي، خوشحالي، سيڙپڪاري، روزگار ۽ شفافيت جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. اهڙو اظهار هن ڊجيٽل ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ فورم جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن ان فورم جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ٽي واري وزارت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب ملڪ ۾ نيشنل ڊجيٽل ٽرانسفارميشن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، حڪومت جي دانشمنداڻي قدمن سبب آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ان فورم ۾ حصيدارن سان گڏجي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. فورم ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۾ 700 ملين ڊالرن جي لڳ ڀڳ سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو آهي. ڊجيٽل تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل ديما اليحيي پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو آهي. ان فورم ۾ 30 کان وڌيڪ وزير ۽ وفد شريڪ ٿيا آهن، 100 کان وڌيڪ آءِ ٽي ڪمپنين جي سي اي اوز شرڪت ڪئي، 400 کان وڌيڪ ملڪي ڪمپنين ان ۾ حصو ورتو، 70 کان وڌيڪ ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته ان فورم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مدد تي آءِ ٽي واري وزارت، پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ ۽ ٻين حصيدارن جا ٿورائتا آهيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊجيٽل تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ان ڪامياب فورم کي منعقد ڪرڻ تي پاڪستان کي مبارڪون ڏيان ٿي، پاڪستان ڊجيٽل ايف ڊي آءِ جو چيمپئين آهي، پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ آءِ ٽي جي شعبي جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اسان قدمن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ايندڙ سال اسلام آباد ۾ وري ڪانفرنس ٿيندي، ان ۾ نئين اڳڀرائي سامهون ايندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه جو ويزن ترقي جو واحد رستو آهي جنهن لاءِ ملڪ ۾ ڊجيٽل انقلاب آڻڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان منهنجو ٻيو گهر آهي، پاڪستاني عوام جي ترقي ۽ خوشحالي مشن آهي.