اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊيجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ڊي سي او) جي تعاون سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي اهتمام هيٺ اسلام آباد ۾ پهرين ڊيجيٽل غيرملڪي سڌوسنئون سيڙپڪاري (ڊي ايف ڊي آءِ) فورم ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر، ڪلائوڊ ٽيڪنالاجيز ۽ فنٽيڪ، مصنوعي ذهانت ۽ اي ڪامرس جهڙن اڀرندڙ شعبن ۾ سيڙپڪاري تي زور ڏيندي ڊيجيٽل تبديلي ۽ اقتصادي سفارتڪاري جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو. هن پاڪستان جي مضبوط ڊيجيٽل صلاحيت تي زور ڏنو جيڪا ملڪ جي نوجوان آبادي ۽ مضبوط پاليسي سڌارن جي ذريعي ممڪن آهي جنهن جو مقصد ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار عالمي سيڙپڪارن جي آجيان ڪئي ته اهي ڊيجيٽل طور تي شموليت ۽ جدت تي ٻڌل معيشت جي تعمير ۾ پاڪستان سان حصيداري ڪن. هن پاڪستان کي اعليٰ معيار جي ڊيجيٽل خدمتن جي اعتماد جوڳي ذريعي جي طور تي پوزيشن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن جو ذڪر ڪيو ۽ لاڳاپيل ڌرين کي ملڪ جي وڌندڙ ٽيڪنالاجي ايڪو سسٽم ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. نائب وزيراعظم 2026ع ۾ ڊي سي او جي صدارت سنڀالڻ جي لاءِ پاڪستان جي تياري جو اعلان ۽ تنظيم جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجي فعال ڪردار جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. هن سمورن نمائندن ۽ حصيدارن جا ڪانفرنس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا ۽ ميمبر ملڪن ۾ ڊيجيٽل تعاون ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ مسلسل تعاون تي زور ڏنو.