اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان افرادي قوت کي ڊيجيٽل تربيت سان ليس ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڊيجيٽل اسٽارٽ اپس ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان موزون ترين مارڪيٽ آهي، ڊيجيٽل انقلاب معيشتن کي نئين شڪل ڏئي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل ديمه اليحييٰ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو صلاحڪار سيد توقير شاهه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا مان هڪ هزار کان وڌيڪ جديد ٽيڪنالاجي جي سيڙپڪار ۽ پاليسي سازن جو پاڪستان ۾ جمع ٿيڻ، خطي ۾ پاڪستان جي ڊيجيٽل شعبي ۾ وڌندڙ اثررسوخ جي علامت آهي. پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو اسان جي نوجوان افرادي قوت آهي جنهن کي ڊيجيٽل هنر ۽ تربيت سان ليس ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته 24 ڪروڙ جي آبادي واري پاڪستاني معيشت ڊيجيٽل اسٽارٽ اپس ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ خطي جي موزون ترين مارڪيٽ آهي. حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين ۽ سيڙپڪارن جي ڏني ويندڙ سهولتن جو مقصد ملڪ ۾ سرمائي سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي پڻ آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت نوجوانن جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري جا اهڙا منصوبا متعارف ڪرائي رهي آهي جن جي ذريعي نوجوان افرادي قوت کي پنهنجي توانائين کي صحيح رخ ۾ استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي باعزت روزگار جي فراهمي سان معيشت ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽل تبديلي هاڻي ڪو معمولي رجحان نه آهي پر هڪ اهڙو انقلاب آهي جيڪو معيشتن کي نئين شڪل ڏئي رهيو آهي. حڪومت عالمي سطح تي پيدا ٿيندڙ ڊيجيٽل تبديلي سان پاڪستان کي هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ڊيجيٽل شعبي ۾ سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ فورم جو انعقاد ۽ ان ۾ عالمي شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان عالمي ڊيجيٽل معيشت ۾ قائداڻي ڪردار جي صلاحيت رکندڙ آهي. ڊيجيٽل تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل ديما اليحييٰ پاڪستان ۾ ڊيجيٽل شعبي جي پهرين سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري فورم منعقد ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ فورم جي پهرين اجلاس ۾ شرڪت ان جي لاءِ اعزاز آهي.