اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان اقتصادي تعاون تنظيم ( اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اي سي او جي ميمبر ملڪن جي پارليامينٽن ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر اسد مجيد کي اي سي اي جي سيڪٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته پارلياماني سفارتڪاري اي سي او ميمبر ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، اي سي او ميمبر ملڪن جي پارليامينٽن ۾ ويجهي تعاون، خطي جي ترقي ۽ پائيدار امن ۾ اهم اهميت وارو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي اقتصادي تعاون تنظيم جي پارلياماني اسيمبلي جي فعال ۽ سرگرم ميمبر آهي، پاڪستان جي قومي اسيمبلي کي اي سي او جي پارلياماني اسيمبلي جي جنرل ڪانفرنس جي ٻه ڀيرا ميزباني ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي، اي سي او جي پارلياماني اسيمبلي جو عارضي سيڪريٽريٽ پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ قائم آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اي سي او جي سيڪريٽري جنرل کي قومي اسيمبلي ۾ قائم عبوري سيڪريٽريٽ کي مستقل سيڪريٽريٽ بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ قائم پارلياماني فرينڊشپ گروپس اي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اي سي او جي سيڪريٽري جنرل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيو ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪردار کي ساراهيو. هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي اي سي او جي پارلياماني اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ کي مستقل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.