اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي واپار وڌائي ملڪي آمدني ۾ اضافي کي حڪومتي ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته مقامي صنعت کي ليول پليئنگ فيلڊ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ روانگي واپار سهولت اسڪيم (اي ايف ايس) جي حوالي سان جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، سردار اويس خان لغاري، وزيراعظم جي صلاحڪار سيد توقير شاهه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال ۽ برآمدي صنعت سان تعلق رکندڙ ناليواري شخصيتن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ روانگي واپار سهولت اسڪيم (اي ايف ايس) کي موثر بڻائڻ ۽ برآمدي شعبي جو ان مان فائدو يقيني بڻائڻ جي لاءِ قائم ڪميٽي جون عبوري سفارشون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي آمدني ۾ روانگي واپار مان اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. برآمدي صنعتن جي خام مال ۽ مشينري جي درآمد تي سهولت جي لاءِ ان اسڪيم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي حوالي سان ڪميٽي جي سفارشن تي شعبي جي ماهرن سان وڌيڪ مشاورت يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي وڌيڪ مشاورت سان عبوري سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي رپورٽ جلد پيش ڪري. هن ايندڙ بجيٽ جي تياري ۾ صنعتن ۽ ڪاروباري تنظيمن سان مشاورت ۽ انهن جي تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته مقامي صنعت کي ليول پليئنگ فيلڊ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻ ۽ ملڪي روانگي واپار جي عالمي منڊين ۾ چٽاڀيٽي جي لاءِ اها اسڪيم جاري ڪئي وئي هئي.