اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي دعوت تي 10 کان 11 اپريل تائين جمهوريه بيلاروس جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کانسواءِ ٻيا وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ شامل آهن. بيان موجب اهو دورو نومبر 2024ع ۾ صدر لوڪاشينڪو جي پاڪستان جي اهم دوري کانپوءِ ٿي رهيو آهي. پنهنجي قيام دوران وزيراعظم گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ صدر لوڪاشينڪو سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. بيان موجب گذريل ڇهن مهينن دوران اعليٰ سطحي ٻطرفي مصروفيتن جو سلسلو جاري آهي، هن سال فيبروري ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جو اٺون اجلاس ٿيو جڏهن ته اپريل 2025ع ۾ هڪ اعليٰ اختياراتي وزارتي وفد جي بيلاروس جي دوري هڪ لاڀائتي دوري جو بنياد رکيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اميد آهي ته ٻئي ڌريون تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ڪنديون. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ مضبوط ۽ جاري حصيداري کي اجاگر ڪري ٿو.