اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عوامي جمهوريه بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار توحيد حسين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن عيد جي مبارڪباد جي ڏي وٺ ڪئي، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن مستقبل ۾ گڏيل تعاون جي فروغ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو.