اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب ڪميٽي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ڪارپوريشن لميٽيڊ (پي آءِ اي سي ايل) جي نجڪاري جي لاءِ هڪ تيز رفتار منصوبي جي منظوري ڏني جنهن ۾ مئنيجمينٽ ڪنٽرول سان 51 – 100 سيڪڙو شيئرز جي ڊي انويسٽمنٽ پڻ شامل آهي. نائب وزيراعظم پي آءِ اي سي ايل جي نجڪاري جي لاءِ حڪومت جي عزم تي زور ڏنو ته جيئن ان جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ۽ قومي خزاني تي مالي بار کي گهٽ ڪري سگهجي.