اسلام آباد -25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي، ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سميڊا لاءِ هڪ نئون آپريشنل ماڊل تيار ڪيو پيو وڃي. هن اها ڳالهه اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. جنهن ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) جي ڍانچي جي نئين سر ترتيب تي غور ڪيو ويو. ان جائزي جو بنيادي مقصد نجي شعبي جي ڪردار کي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ هو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته ايس ايم اي ڊي اي جي سرگرمين ۾ عوامي شعبي جي مداخلت گهٽائي وڃي ته جيئن نجي شعبي جي شراڪتدارن کي وڌيڪ متحرڪ ۽ خودمختيار ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا ملي سگهن. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته نجي شعبو ايس ايم اي جي ترقي م اهم ڪردار ڪري سگهي ٿو ۽ ان لاءِ عوامي مداخلت گهٽائيندي ايس ايم اي ڊي اي لاءِ هڪ پائيدار معاونتي نظام قائم ڪرڻ ضروري آهي، ته جيئن ادارو ڊگهي عرصي وارن بنيادن تي فعال رهي سگهي. پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ طرفان ايس ايم اي فنانسنگ سان لاڳاپيل چئلينجز تي اسٽريٽجڪ مشاورت تي به ڳالهيون ٿيون ۽ هڪ عملي ۽ نتيجي تي ٻڌل فنانسنگ حڪمت عملي جي تياري تي زور ڀريو ويو. ايس ايم اي ڊي اي لاءِ هڪ نئين آپريشن ماڊل تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن کي پنج سالا جامع اسٽريتجڪ فريم ورڪ جي مدد حاصل آهي. هي ماڊل ايس ايم اي ڊي اي جي سرگرمين کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب ڪرڻ ۽ اداري جي اثرائتي ڪارڪردگي يک يقيني بڻائڻ لاءِ جوڙيو پيو وڃي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته نجي شعبي جي وڌيڪ شموليت ۽ ايس ايم اي ڊي اي جي ڍانچي ۾ سڌارن سان سڄي ملڪ ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي ترقي ۾ مدد ملندي. انهن تبديلين جي نتيجي ۾ ڪاروباري ماحول بهتر ٿيندو ۽ نوان موقعا پيدا ٿيندا.