رياض -22 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي اداري الحرمين ۾ ديني معاملن واري سربراهه شيخ عبدالرحمان السديس چيو آهي ته رمضان شريف جي ٻي ڏهاڪي ۾ 25 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي آگاهي جون خدمتون فراهم ڪيون ويون. پرڏيهي ميڊيا موجب شيخ السديس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اداري طرفان آخري ڏهاڪي ۾ زائرين جي آجيان لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. هن چيو ته مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ رمضان مهيني دوران حفظ قرآن ڪريم جو خاص اهتمام به ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زائرين ۾ لکين معلوماتي ڪتابچا به ورهايا ويا آهن.