بيجنگ-10 مارچ (اي پي پي) چين چيو آهي ته آمريڪا جي ايشيا ۾ وچولي مفاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل سسٽم آڻڻ جي فيصلي جي سختي سان مخالفت ڪيون ٿا. اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي 14هين نيشنل پيپلز ڪانگريس جي ٽئين اجلاس جي موقعي تي پريس ڪانفرنس دوران چئي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته چين آمريڪا پاران ايشيا ۾ وچولي مفاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائل سسٽم آڻڻ جي فيصلي جي سختي سان مخالفت ڪئي آهي ۽ ان جا علائقائي ملڪ به ان جي حق ۾ ناهن. هن چيو ته آمريڪا جي پنهنجي انڊو پيسفيڪ حڪمت عملي کي جاري ٿئي ڪيترائي سال ٿي چڪا آهن پر ان علائقائي ملڪن لاءِ سواءِ ڏکيائين کي هوا ڏيڻ ۽ تڪرار پيداڪرڻ جي ڪجهه ناهي ڪيو. آمريڪا خطي لاءِ تعميري سهڪار ڪرڻ بجاءِ خلل وجهڻ وارو ملڪ پيدا ٿيو آهي.