دمشق – 07 مارچ (اي پي پي) برطانيا ۾ قائم سيرين آبزرويٽري فار هيومن رائٽس چيو آهي ته شام ۾ هتايل صدر بشارالاسد جي حامين ۽ حڪومتي فورسز وچ ۾ چڪرين دوران 48 ڄڻا مارجي ويا آهن. اهي چڪريون روم سمنڊ جي سامونڊي ڪناري واري صوبي الاذقيه ۾ ٿيون جيڪو هتايل صدر بشارالاسد جي علوي اقليت جو مرڪز آهي، جنهن کي سندس حڪومت جي دور ۾ حمايت جو ڳڙهه سمجهيو ويندو هو. آبزرويٽري چيو ته هٽايل صدر بشارالاسد جي حامي ويڙهاڪن هٿان 16 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته هٽايل صدر بشارالاسد جا 28 وفادار ويڙهاڪ ۽ 4 شهري به مارجي ويا آهن.