لنڊن – 03 مارچ (اي پي پي) برطانيه، فرانس ۽ يوڪرين جي اڳواڻن جو يوڪرين ۽ روس وچ ۾ جاري جنگ کي بند ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، اهو منصوبو تيار ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا کي پيش ڪيو ويندو. اها اڳڀرائي روس يوڪرين جنگ جي خاتمي بابت مشاورت لاءِ گذريل ڏينهن لنڊن ۾ منعقد سربراهي اجلاس ۾ سامهون آئي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽار م لنڊن ۾ ٿيل ان سربراهي ڪانفرنس ۾ اڳواڻن کي ٻڌايو ته انهن سڀني کي يورپ جي سلامتي لاءِ گڏجي هڪ اهڙو بهترين لمحو پيدا ڪرڻ گهرجي جيڪو پوري انساني نسل کي هڪ ئي ڀيرو ملندو آهي. برطانوي وزيراعظم چيو ته لنڊن ۾ ان سربراهي اجلاس مان سٺا نتيجا حاصل ڪرڻ انهن سمورن ملڪن جي سلامتي لاءِ به اڻٽر آهن، جن جا اڳواڻ هتي موجود آهن ۽ انهن لاءِ به جيڪي هتي موجود ناهن. سربراهي اجلاس ۾ برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ، فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ۽ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هو يوڪرين ۾ روس جي شروع ڪيل جنگ جي خاتمي لاءِ هڪ جنگبندي واري پلان تي گڏجي ڪم ڪندا.