واشنگٽن – 01 مارچ (اي پي پي) آمريڪي مائيڪرو سافٽ ڪمپني 5 مئي تي باضابطه طور تي اسڪائپ آن لائن ڪالنگ سروس بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اسڪائپ کي صارفين لاءِ مائيڪرو سافٽ ٽيمز جي مفت ورزن سان تبديل ڪيو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪمپني 21 سال اڳ شروع ڪيل اسڪائپ سروس جي صارفين کي همٿايو ۽ چيو ته هاڻي هو مفت ٽيمز ايپ استعمال ڪري سگهندا. 5 مئي تي اعلانيل آخري تاريخ سان اسڪائپ جي صارفين وٽ اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ 10 هفتا آهن ته سروس تي پنهنجي اڪائونٽ سان ڇا ڪرڻو آهي. اهو واضح ناهي ته اسڪائپ بند ٿيڻ سان ڪيترا ماڻهو ٿيندا.