گڏيل قومون – 28 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي قدمن کي بهتر بڻائڻ ۾ گڏيل قومن جي پوليس جي شامل ٿيڻ تي زور ڏنو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ تڪرارن سبب متاثر ملڪن لاءِ گڏيل قومن جي حمايت جي موضوع تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته يو اين او جي پوليس عالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ جي سنگ بنياد جي حيثيت رکي ٿي، امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان گڏيل قومن جي فليگ شپ منصوبن ۾ يو اين پوليس جي نظريي کي شامل ڪري تڪرارن سبب متاثر ملڪن ۾ امن بحال ڪرڻ جي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي ٿو. پاڪستاني نمائندي چيو ته اهو تمام اهم آهي ته گڏيل قومن جي پوليس جي نظريي کي امن مشن سميت انهن مشنز جي منصوبه بندي ۽ انهن لاءِ وسيلن جي فراهمي بابت فيصله سازي ۾ شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته امن مشن جي ڪاميابي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل قومن جي پوليس کي حقيقت پسند مينڊيٽ ڏيڻ جي به ضرورت آهي، اهڙين حالتن ۾ جتي فوج بدران پوليس يونٽن جي تيزي سان مقرري ضروري آهي، اها مقرري واضح ۽ قابل حصول مينڊيٽ تي ٻڌل هجڻ گهرجي ۽ ان لاءِ مناسب وسيلا فراهم ڪرڻ گهرجن. هن جو چوڻ هو ته امن قائم ڪرڻ جي قدمن لاءِ پوليسنگ کي ان انداز ۾ تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا منظم ڏوهن، انساني اسمگلنگ، دهشتگردي ۽ ٽيڪنالاجي جي هٿيارن بابت منجهيل ۽ غير روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي قابل هجي، ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي پوليس کي پنهنجي مينڊيٽ کي پورو ڪرڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ جي به ضرورت آهي. منير اڪرم چيو ته گڏيل قومن جي پوليس کي مناسب تربيت ۽ صلاحيت سازي حاصل ڪرڻ گهرجي، ان کي جنريٽو آرٽيفيشل انٽيلي جنس، ورچوئل رئيلٽي (وي آر) ٽولز، ڊرونز، سرويلنس جو سامان ۽ ڊيٽا ايناليٽڪس جهڙا ٽولز استعمال ڪندي پنهنجن آپريشنز کي مربوط ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تڪرارن ۽ جنگين کانپوءِ تبديلين ۾ گڏيل قومن جي پوليس جي اهم ڪردار کي نظر ۾ رکندي پائيدار امن ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ ميزبان حڪومت جي صلاحيتن جي تعمير، اداره جاتي ترقي ۽ مقامي قانون لاڳو ڪندڙ ڍانچي جي نئين سر تعمير کي ترجيع ڏيڻ به ضروري آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان گڏيل قومن جي امن مشنز لاءِ پوليس جا جٿا فراهم ڪري رهيو آهي، پاڪستان هيٽي، دارفور، اوڀر تيمور ۽ آئيوري ڪوسٽ ۾ يو اين امن آپريشنز ۾ 50 پوليس يونٽ (ايف پي يوز) مقرر ڪيا. هن چيو ته عوامي خدمتن ۽ بين الاقوامي امن لاءِ عزم جو مظاهرو ڪندي 11 پاڪستاني پوليس اهلڪار فرضن ادا ڪرڻ دوران پنهنجي جانين جي قرباني پيش ڪري چڪا آهن.