گڏيل قومون _ 28 فيبروري (اي پي پي ) گڏيل قومن چيو آهي ته وچ اوڀر جي صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ اهو ٻه رياستي حل تائين پهچڻ جو آخري موقعو ٿي سگهي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهڙن خيالن جو اظهار وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ گڏيل قومن جي خاص ڪوآرڊينٽر سگريڊ ڪاگ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو . سگريڊ ڪاگ چيو ته وچ اوڀر تيزي سان تبديلي واري عمل مان گذري رهيو آهي. ان تبديلي جي گنجائش ۽ اثر اڃان به واضع ناهن . اهو ٻه رياستي حل جو آخري موقعو ٿي سگهي ٿو. غزه جي نئين سر تعمير لاءِ 53 ارب ڊالر جي ضرورت جي نشاندهي ڪندي ڪاگ چيو ته عرب ملڪ ان سلسلي ۾ هڪ منصوبو تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ مصر غزه جي نئين سر تعمير تي هڪ ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو ،هن وڌيڪ چيو ته غزه مان فلسطينين جي جبري لڏ پلاڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.