واشنگٽن – 27 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يوڪرين نيٽو ۾ شامل ٿيڻ کي وساري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق وائٽ هائوس ڪابينا اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته يوڪرين نيٽو ۾ شامل ٿيڻ کي وساري ڇڏي ۽ هو روس طرفان قبضي ۾ ورتل وڌ کان وڌ يوڪريني علائقو يوڪرين کي واپس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو. هن چيو ته سندس خيال ۾ يوڪرين جنگ شروع ٿيڻ جو سبب ئي يوڪرين جي نيٽو ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش هئي. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته اسان ٻنهي ڌرين لاءِ بهترين ڊيل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين جنهن ۾ يوڪرين کي وڌ کان وڌ علائقن جي واپسي به شامل آهي.