اسلام آباد- 17 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جو اجلاس اڱارو 18 فيبروري جي صبح ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. سومر ڏينهن سينيٽ اجلاس، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ مختلف سينيٽ ميمبرن جا بل ۽ قانون سازي جا بل پيش ڪيا ويا.