اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي وزيراعظم هائوس اچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پوکيو، پاڪ فضائيه جي پائليٽس فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر جو استقبال ڪيو. ترڪ صدر کي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ترڪ صدر وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ ٻوٽو پوکيو. ترڪ صدر جي اعزاز ۾ پاڪستان ايئر فورس جي پائليٽس فلاءِ پاسٽ جو مظاهرو ڪيو. بعد ۾ ترڪ صدر ۽ وزيراعظم ٻطرفي ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي اجلاس ۾ پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪئي.