اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) ناڻي وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت اناڊولو گروپ جي صدر اتيلا يرلڪايا ڪئي. ان موقعي تي ڪوڪاڪولا ايشجڪ جي سي او او احمد ڪورشادا يرتن ۽ ڪوڪاڪولا ايشجڪ پاڪستان جو جنرل مئنيجر سناءِ سانلي به موجود هو. وفد ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۾ ڪوڪاڪولا ايشجڪ جي موجوده سيڙپڪاريءَ بابت آگاهه ڪيو ۽ مستقبل ۾ سيڙپڪاري جي امڪاني موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد پاڪستان جي مارڪيٽ ۾ ڊگهي مُدي جي وابستگي جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ جي معاشي صلاحيت تي اعتماد جو اظهار ڪيو. ترڪ وفد پاڪستان جي معاشي انگن اکرن ۾ تازي بهتريءَ کي ساراهيندي اقتصادي استحڪام ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حڪومتي قدمن جي تعريف ڪئي. ناڻي واري وزير وفد جي آجيان ڪئي ۽ـ پاڪستان جي معيشت، صنعتي ترقي ۽ روزگار جي موقعن ۾ ترڪ ڪمپنين خاص ڪري ڪوڪاڪولا ايشجڪ جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو. هن وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت ڊگهي مُدي واري پاليسي فريم ورڪ ۽ پاليسي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن پرڏيهي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائي سگهجي. ملاقات ۾ گڏيل سهڪار جي وڌيڪ موقعن ۽ پاڪستان ۾ ڪاروبار ۾ آسانيءَ لاءِ پاليسي قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.