اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اين ڊي ايم اي قدرتي آفتن ۾ صوبائي ريسڪيو ادارن ۽ انتظاميه سان گڏجي بهتر ڪم ڪري رهيو آهي، موسم جي اڳڪٿي واري سيٽلائيٽ واري نظام سان اين ڊي ايم اي ڳنڍيل آهي جيڪو وقت سر ماڻهن کي حفاظتي تدبيرون، علائقو خالي ڪرڻ لاءِ حرڪت ۾ ايندو آهي. اهڙو اظهار هن قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن واري وقفي دوران خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. معزز اسيمبلي ميمبرن جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ٻُڌايو ته اين ڊي ايم اي قدرتي آفتن ۾ عملي طور تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، مقامي انتظاميه کي فعال ڪرڻ، ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ اين ڊي ايم اي جو ڪم آهي. هن چيو ته قدرتي آفتون الله تعاليٰ طرفان هونديون آهن، انساني ڪوشش ٿينديون رهنديون آهن، جيڪڏهن آمريڪا ۾ تازو ئي باهه جو واقعو ڏسون ته اتي وسيلا هجڻ باوجود هو لاس اينجلس کي تباهيءَ کان نه بچائي سگهيا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ماضيءَ ۾ باهه، ٻوڏ، ڪڪر ڦاٽڻ جا واقعا ٿيا آهن ان کي نظر ۾ رکندي اين ڊي ايم اي مرڪزي ڪنٽرول روم قائم ڪيو آهي جتي سامونڊي علائقن، ميداني علائقن، فصلن جي حوالي سان الرٽ فراهم ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته اين ڊي ايم اي جي ڪارڪردگي تمام بهتر آهي، ان کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ بجيٽ، پيشيوراڻي تربيت بهتر ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر نفيسه شاهه سوال ۾ پُڇيو ته فيڊرل فلڊ ڪميشن واحد ادارو آهي جيڪو فلڊ ڪنٽرول انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪندو آهي. 2021ع جي ٻوڏ سنڌ کي متاثر ڪيو. فيڊرل فلڊ ڪميشن جي مقرري به اڃا تائين ناهي ٿي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته فيڊرل فلڊ ڪميشن جي سربراهه جي پوسٽ اڃا تائين خالي آهي. مقرريءَ جي حوالي سان خاطري ڪرايان ٿو ته لاڳاپيل عملدارن تائين اهو معاملو پهچائيندس. سردار يوسف سوال ۾ پُڇيو ته ايرا کي اين ڊي ايم اي ۾ ضم ڪيو ويو، ڪيترائي منصوبا هلي رهيا هئا جيڪي مڪمل نه ٿي سگهيا. ٻُڌايو وڃي ته اهي منصوبا اين ڊي ايم اي مڪمل ڪندو يا ڪابه اٿارٽي مڪمل ڪندي. جنهن تي وفاقي وزير ٻُڌايو ته ادارو ڪنهن اداري ۾ ضم ٿي ويندو آهي ته سمورن معاملن سان ضم ٿيندو آهي. نئين اداري جون ذميواريون هونديون آهن ته عملدرآمد ڪن. ڊاڪٽر ثوبيه پُڇيو ته اين ڊي ايم اي 235 تربيتي ڪورس ڪرايا، 9 هزار سرڪاري آفيسرن کي ڪورس ڪرايا ويا آهن. وفاقي وزير ٻُڌايو ته اين ڊي ايم اي جو اسٽاف، ضلعي اٿارٽيز، ضلعي انتظاميه، ريسڪيو عملو ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏجي تربيتي ڪورس ڪندا آهن. اين ڊي ايم اي هڪ پليٽ فارم آهي جيڪو قومي سطح تي قدرتي آفتن ۽ سانحن کي مُنهن ڏيندو آهي.