اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) گهرو وزارت وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) جي ڪارڪردگي رپورٽ تيار ڪرڻ ۽ پرفارمنس آڊٽ لاءِ 5 رڪني اسپيشل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڊائريڪٽر جنرل نيشنل پوليس بيورو ڪميٽي جو ڪنوينر هوندو. گهرو وزارت مان جاري نوٽيفڪشن موجب ڊائريڪٽر پوليس بيورو، گهرو وزارت جو جوائنٽ سيڪريٽري، ڊپٽي ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽي او سي يونٽ اين پي بي ڪميٽيءَ جا ميمبر هوندا. اها ڪميٽي انساني اسمگلنگ جي روڪٿام، اينٽي ڪرپشن، ڪارپوريٽ ڪرائيم، سائبر ڪرائيم سميت سمورن شعبن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺندي.