اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي ٽيم سان سندس هاڪاري ۽ فائديمند ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ٽيم سان هن جي سٺي ملاقات رهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي تعاون سان سڌارن واري پروگرام جي حوالي سان پاڪستان جي عزم سان هن کي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته سڌارن جي حوالي سان پاڪستان جي قدمن جي نتيجي ۾ اوسر جي شرح ۽ نوجوان آبادي کي روزگار جي فراهمي جي موقعن ۾ نمايان اضافي جي راهه هموار ٿيندي.