اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته ملڪي معيشت درست رخ طرف گامزن ٿي چڪي آهي، معاشي استحڪام لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي، معيشت کي مضبوط بنائڻ لاءِ روانگي واپار وڌائڻ تي توجهه ڏئي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل طرفان معيشت جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مختلف ملڪن سان واپاري لاڳاپن ۾ اضافي لاءِ حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي ۽ قدمن جا هاڪاري نتيجا به سامهون اچي رهيا آهن. هن چيو ته روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ نيون مارڪيٽون ڳولهي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان اچي رهيا آهن ۽ حڪومت انهن سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته صنعتڪارن کي هر ممڪن سهولت جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهيون ڇاڪاڻ ته صنعت سان ئي روانگي واپار ۾ اضافو ممڪن آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ يورپ سان مختلف شعبن ۾ سهڪار لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، عالمي مارڪيٽ تائين پهچ کي ممڪن بنايو پيو وڃي.