اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر هن ريت جاري ڪيا آهن. جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 13 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 هزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 12 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 هزار 900 ڪيوسڪ آھي، خيبر آباد پل تي پاڻي جي آمد 21 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 21 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 4 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 4 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 1600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1473.56فوٽ، جڏهن ته ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي جي انتهائي سطح 1550 فٽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.990 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1137.65 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.257 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 641.00 فوٽ آهي. بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.043 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.