اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ مراڪش جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، دخيله جي سمنڊ ڪناري تي ٻيڙيءَ اونڌي ٿيڻ جي واقعي کانپوءِ ڦاٿل پاڪستانين کي بچائڻ جي لاءِ مراڪش جي معاونت کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مراڪش جي سفير محمد ڪرمون سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم مراڪش جي بادشاهه، شاهه محمد ۽ مراڪش جي حڪومت پاران دخيله جي سمنڊ ڪناري ٻيڙيءَ اونڌي ٿيڻ جي واقعي ۾ بچي ويندڙ ڦاٿل پاڪستانين کي بچائڻ جي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي ساراهيو. هن مراڪش جي مقامي عملدارن جا ٿورا مڃيا جن پونئيرن ۽ فوت ٿيندڙن جي لاشن جي وطن واپسي ۾ شامل پاڪستاني عملدارن سان مڪمل تعاون ڪيو. پاڪستان ۽ مراڪش جي وچ ۾ شاندار تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ خيرسگالي جو ذڪر ڪيو ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. مراڪش جي سفير گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ملڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته هو پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندا رهندا ته جيئن گڏيل طور تي فائديمند تعاون جون نيون راهون ڳولي سگهجن. ٻنهي ڌرين جلد کان جلد ٻطرفي سياسي مشاورت سميت اداراجاتي مشاورتي مڪينزم جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.