اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملتان ۾ ايل پي جي بائوزر ڦاٽڻ سان جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ماڻهن جي فوت ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ سگهه جي دعا ڪئي. هن زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي. وزيراعظم بائوزر ڦاٽڻ جا سبب ڄاڻڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام جي هدايت پڻ ڪئي. شروعاتي اطلاع موجب واقعي ۾ 5 ماڻهو فوت ۽ درجنين زخمي ٿيا آهن جڏهن ته واقعي واري جڳهه جي ويجهو درجنين گهرن کي پڻ نقصان پهتو آهي.