لاهور- 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر جي قافلي تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي حملو ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري ٿيل بيان ۾ وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته چوڌري لطيف اڪبر جي قافلي تي حملو بزدلاڻو عمل آهي، وزيراعظم حملو ڪندڙن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.