اسلام آباد- 25 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري خيبر ضلعي ۾ چئن خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت ڳجهي معلومات جي بنياد تي ڪامياب ڪارروائي دوران دهشتگردن جي بدنام اڳواڻ سميت 4 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو آهي. صدر مملڪت چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي. پوري قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي. صدر مملڪت هن عزم کي ورجايو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين خوارجين خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.