واشنگٽن-24 جنوري (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي جي آمريڪا جي دوري دوران واشنگٽن ۾ ڪانگريس جي ميمبرن طرفان سندس مان ۾ آجياڻي جو بندوبست ڪيو ويو. گهرو وزارت موجب اهو آجياڻيو ڪانگريس ۾ هنري ڪيولر ۽ ڪانگريس جي فنانشل سروسز ڪميٽي جي نامياري ميمبر ميڪسائن واٽرز طرفان ڏنو ويو. آجياڻي ۾ گهرو وزير ۽ ڪانگريس جي ميمبرن وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پاڪستان جي معيشت ۽ آءِ ايم ايف جي پروگرام جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. گهرو وزير ڪانگريس ميمبرن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. محسن نقوي چيو ته پاڪستاني برادري آمريڪا جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي، سمنڊ پار پاڪستانين طرفان پاڪستان جي اقتصادي صورتحال جي بهتري لاءِ خدمتون به واکاڻ جوڳيون آهن. پاڪستان ڄائو مشهور آمريڪي ڪاروباري شخصيت طاهر جاويد ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ به ان موقعي تي موجود هو.