اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي)پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي گوادر ايئرپورٽ تان پهرين بين الاقوامي اڏام مسقط لاءِ رواني ٿي وئي آهي. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفيظ خان طرفان جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي ايئر لائين پي آءِ اي نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان بين الاقوامي اڏامن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.قومي ايئر لائن پنهنجي روايت برقرار رکندي نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان بين الاقوامي افتتاحي اڏام پي ڪي 197- مسقط لاءِ رواني ڪئي. هي اڏام 39 مسافرن کي کڻي رواني ٿي، گوادر ايئرپورٽ تي پي آءِ اي جي مقامي عملدارن مسافرن کي الوداع ڪيو. پي آءِ اي شروعاتي طور تي مسقط لاءِ هفتيوار هڪ اڏام آپريٽ ڪندي. ترجمان موجب پي آءِ اي قومي امنگن ۽ عوامي ضرورتن تحت سڄي ملڪ ۾ فضائي آپريشن فعال ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهي.