اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، امن سان ئي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي، ڪنهن به قسم جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا، پاڪستان سدائين کان مسلمان ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي فروغ جو خواهشمند رهيو آهي، غزه ۾ ٿيندڙ تباهي تي هر اک ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. ايوان صدر صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري 38هين ايئر وار ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر کي پاڪ فضائيه جي ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ ڪورس جي مقصدن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 38هين ايئر وار ڪورس ۾ 15 دوست ملڪن مان 34 فوجي آفيسر شرڪت ڪري رهيا آهن. صدر 38هين ايئر وار ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو.