اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جمعي ڏينهن 24 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق هڪ تحت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جمعي جي ڏينهن طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس صبح 10 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.