اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ کي جيل ۾ اهي سموريون سهولتون ميسر آهن جيڪي ڪنهن عام قيدي کي دستياب نه آهن، پي ٽي آءِ دور ۾ مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، ان وقت جي اپوزيشن ليڊر کي جيل ۾ پنکو ۽ هيٽر تائين نه هلائڻ ڏنو ويندو هو، باني چيئرمين کي ايڪسرسائيز جي لاءِ سائيڪل، ڪچن ۽ واڪنگ گيلري جي سهولت مهيا ڪئي وئي آهي، جيڪي ڪڏهن چوندا هئا ته اين آر او نه گهرنداسين، سختي برداشت ڪنداسين، انهن عدالتن کي بار بار درخواستون ڪري اهي سهولتون ورتيون. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران قومي اسيمبلي ميمبر آغا رفيع الله جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ مسلم ليگ (ن) جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن بهادري سان ظلمن کي برداشت ڪيو. هن چيو ته خواجه آصف کي ڊسمبر جي سرديءَ ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ ان وقت وزيراعظم آفيس ۾ قائم سيل مان حڪم ڏنو ويندو هو ته کيس فرش تي سمهاريو وڃي، ان کي ڪمبل تائين نه ڏنو ويندو هو. ان وقت جي مُخالف ڌُر اڳواڻ جيڪو ٽي ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير رهيو، ان جي لاءِ حڪم ايندوهو ته کيس جيل ۾ پنکو هلائڻ نه ڏنو وڃي، سردين ۾ هيٽر نه ڏنو وڃي جڏهن ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ کي هاڻي ايڪسرسائيز جي لاءِ سائيڪل ڏني وئي آهي، ڪچن جي سهولت ۽ رهائش جي لاءِ ڪمرو ڏنو ويو آهي، واڪنگ گيلري ۽ ايڪسرسائيز روم جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. اهي سموريون سهولتون ڪنهن عام قيدي کي ميسر نه آهن پر باني چيئرمين پي ٽي آءِ عدالتن کي بار بار درخواستون ڏئي اهي سهولتون حاصل ڪيون. هن چيو ته هي ڪڏهن چوندا هئا ته اين آر او نه گهرنداسين، سختيون برداشت ڪنداسين ۽ اڄ انهن سهولتن مان فائدو کڻي رهيا آهن. اهي ڪڏهن مريم نواز جو سيل ڏسي وٺن جنهن کي x106 سائيز جي سيل ۾ رکيو ويو هو. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ کي جيل ۾ بهترين شيف مهيا ڪيا ويا آهن، ڪنهن ٻئي قيدي کي اها سهولت نه آهي جيڪا باني چيئرمين پي ٽي آءِ کي ميسر آهي.