اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن(پي آءِ اي) جي انتظاميه موبائيل فون اسمگل ڪرڻ تي ٻن ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفيظ خان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اداري ۾ احتساب جو عمل جاري آهي، پي آءِ اي انتظاميه موبائيل فون اسمگل ڪرڻ تي پنهنجي ٻن ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي ملازمن غير قانوني طور تي موبائيل فون اسمگل ڪرڻ ۾ ملوث ڏٺا ويا. انتظاميه قاعدن ۽ ضابطن تحت انڪوائري کانپوءِ ٻنهي ملازمن کي برطرف ڪيو آهي. ترجمان چيو ته پي آءِ اي پنهنجي ۽ ملڪي قانونن جي خلاف ورزي تي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪندي. اي پي پي/ز – ج/ر – م 15:45