اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته پاڪستان ۾ ماحولياتي منصوبا ڏکڻ ايشيا لاءِ اهم مثال آهن، پاڪستان جي حڪومت عالمي شموليت ۽ پائيداري جي عزم تي قائم آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڊبليو ڊبليو ايف ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ماحولياتي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پروگرام ماحولياتي استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته عالمي سهڪار سان صنعتن جي ڪارڪردگي ۽ موقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته بين الاقوامي پروگرامز جي نتيجن کي اڳتي کڻي وڃڻ ضروري آهي، ماحولياتي تبديلي تي ميڊيا جو ڪردار نهايت اهم آهي. هن چيو ته پورهيت طبقي جي ترقي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. رومينه خورشيد عالم چيو ته اهو پروگرام صنعتن جي ترقي جو سبب بڻيو آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي تي شعور اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستاني صنعتن کي عالمي معيار تي آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ جي سلسلو جاري آهي، ميڊيا عوام تائين صحيح پيغام پهچائڻ جو سڀني کان مضبوط ذريعو آهي. هن چيو ته عالمي مارڪيٽن ۾ پورهيت جي موقعن کي هٿي ڏيڻي پوندي. رومينه خورشيد عالم چيو ته عالمي سهڪار پاڪستان جي ماحولياتي منصوبن جي ڪاميابي جو راز آهي، پاڪستان ۾ ماحولياتي استحڪام لاءِ جامع پاليسين جي ضرورت آهي، حڪومت ماحولياتي استحڪام ۽ ترقي لاءِ پرعزم آهي.