اسلام آباد-23 جنوري (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ڏورانهن علائقن ۾ معياري تعليم جي فراهمي صوبائي حڪومتن جي ذميداري آهي، اسان کي پنهنجي نصاب ۾ قومي سُڃاڻپ اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ آسيه تنولي ۽ ٻين جي ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته گوادر ۽ گلگت ۾ وفاقي ادارن جا اسڪول کولڻ وڃي رهيا آهيون. هي تاثر غلط آهي ته اسڪول بند ڪيا ويا آهن ۽ پُٺتي پيل علائقن ۾ اسڪول کولڻ پهرين ترجيح آهي ته جيئن اتي جي آبادي ان مان فائدو حاصل ڪري. هن چيو ته تعليم جي فراهمي صوبائي حڪومت جي ذميداري آهي، کين ڏورانهن ۽ پُٺتي پيل علائقن ۾ معياري تعليم جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي. پنهنجي نصاب ۾ قومي سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. دفاعي ادارا صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ ڀرپور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.