واشنگٽن-22 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، واشنگٽن ۾ ڪانگريس مين ٿامس رچرڊ سوازي ۽ ڪانگريس مين جيڪ برگمين سان ملاقات ڪئي. ڪانگريس مين ٿامس رچرڊ سوازي جو تعلق ڊيموڪريٽڪ جڏهن ته ڪانگريس مين جيڪ برگمين جو تعلق ري پبلڪن پارٽيءَ سان آهي. پاڪستاني ڪاڪس جي ميمبر ٿامس رچرڊ سوازي ۽ ڪوچيئر جيڪ برگمين سان ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، پاڪ – آمريڪا ناتن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪ – آمريڪا ناتن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير ڪانگريس مين ٿامس سوازي ۽ ڪانگريس مين جيڪ برگمين کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. وفاقي وزير چيو ته آمريڪا پاڪستان جو انتهائي اهم معاشي ۽ دفاعي ڀائيوار آهي، پاڪستان جي سماجي شعبن جي بهتريءَ لاءِ آمريڪي سهڪار کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ٻه طرفن ناتن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، آمريڪا سان سمورن شعبن ۾ وڌيڪ ڀائيواري چاهيون ٿا. گهرو وزير چيو ته اوهان جي پاڪستان جي دؤري سان گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڪانگريس مين ٿامس سوازي چيو ته پاڪستان سان ناتا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهيون، جلد پاڪستان جو دؤرو ڪندس. ملاقات ۾ 30 اپريل تي پاڪستاني ڪاڪس ڪانفرنس واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير رضوان سعيد شيخ به ان موقعي تي موجود هو.