اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ هم آهنگي بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مذهبي هم آهنگي، انسانيت جو احترام ۽ پاڪستاني ورڪرز کي ترڪيه ۾ روزگار جا وڌيڪ موقعا ڏيڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هڪ جان مثل آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه مذهب، تاريخ ۽ ثقافت جي لازوال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، ٻئي اسلامي ڀائر ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو مؤقف رکن ٿا، هميشه علائقائي ۽ عالمي فورمز تي هڪٻئي جي مؤقف جي حمايت ڪئي آهي. ترڪيه جي سفير مراڪش ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هنرمند پاڪستانين کي ترڪيه ۾ روزگار جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون، ترڪيه پاڪستاني صنعتن کي مشينري جي فراهمي ۾ واڌ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ فني تربيت ۽ تعليمي رٿائن کي هٿي ڏيڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ترڪ ڪمپنيون ڪاميابيءَ سان ڪم ڪري رهيون آهن جڏهن ته گڏيل سيڙپڪاري ۽ واپاري ڳاڻيٽي ۾ واڌ جي وڏي گنجائش آهي، وفاقي وزير چيو ته غير قانوني طور تي انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ پاڪستان حڪومت وڌيڪ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. گذريل هڪ سال ۾ 6 لک پاڪستاني روزگار لاءِ پرڏيهه ويا، هلندڙ مالي سال ۾ ڊسمبر 2024ع تائين سمنڊ پار پاڪستانين 3.1 ارب ڊالر جون رڪارڊ پرڏيهي ناڻو پاڪستان اُماڻيو، گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ ترڪ بئنڪن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهتر بئنڪنگ چينلز جو قيام به ضروري آهي. ملاقات ۾ انتهاپسندي ۽ شدت پسندي جي خاتمي، بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستاني هنرمندن کي موجوده دؤر مطابق فني تعليم جي فراهميءَ تي هڪٻئي کان سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.