اسلام آباد-22 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته توهين مذهب جي واقعن جي جاچ لاءِ ڪو خاص ادارو ناهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران عاليه ڪامران جي سوال تي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر درشن چيو ته توهين مذهب جا واقعا هڪ سنجيده معاملو آهي، ان طرح جي واقعن جي جاچ لاءِ ايس پي سطح جو آفيسر جاچ ڪري معاملو عدالت ڏانهن اُماڻي ٿو. هن چيو ته في الحال ان طرح جي واقعن جي جاچ لاءِ ڪو خاص ادارو ناهي، ان معاملي تي قانون واري وزارت ۽ مذهبي معاملن واري وزارت سان به صلاح مشورو ڪيو ويندو. هن چيو ته ميمبرن طرفان ڪا تجويز يا بل ايوان ۾ آندو وڃي ته ان جو جائزو ورتو ويندو.