اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ترڪيه جي شهر بولو ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ ٿيندڙ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري تعزيتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ترڪيه جي شهر بولو ۾ ڪارتالڪيا سڪي ريزورٽ جي هڪ هوٽل ۾ لڳل تباهي آڻيندڙ باهه تي تمام گهڻو ڏکويل آهن، ان افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 66 ماڻهو فوت ۽ 51 زخمي ٿيا. بيان موجب پاڪستان ترڪ حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو خاص طور تي انهن خاندانن سان جن پنهنجي پيارن کي وڃايو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان جي همدرديءَ ۽ دعائون سوڳوار خاندانن سان گڏ آهن. پاڪستان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀائر ملڪ ترڪيه سان پنهنجي مستقل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪري ٿو.