اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪالهه اڱاري ڏينهن مارڪو روبيو کي آمريڪي سينيٽ پاران پرڏيهي وزير طور مقرري جي متفقه توثيق تي مبارڪباد ڏني آهي. نائب وزيراعظم سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستان ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي ڏس ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مارڪو روبيو سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.