اسلام آباد- 21 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ ماحول سازگار آهي، سيڙپڪارن کي تحفظ فراهم ڪنداسين. پاڪستان سوئيڊن سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. گهڻ رُخي شعبن ۾ سهڪار عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب اهڙو اظهار سينيٽ چيئرمين، سوئيڊن جي سفير اليگزينڊرا ڪانيل برخ سان اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته سوئيڊن سان سفارتي ناتا 75 سالن تي ٻَڌل آهن، جيڪي هر ايندڙ ڏينهن سان مضبوط ٿي رهيا آهن. عالمي فورمز تي تعاون هاڪاري آهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته زراعت، تعليم، موسمياتي تبديلين سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار لاءِ وسيع گنجائش موجود آهي، پاڪستان ۾ چمڙي جي مصنوعات جي تياريءَ جي مهارت موجود آهي. هن چيو ته گهڻي رُخي شعبن ۾ تعاون عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن سفير کي سينيٽ جي ڪم جي طريقيڪار، اهميت، آئيني ڪردار جي باري ۾ به آگاهه ڪيو. هن چيو ته پارلياماني سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان جي سينيٽ ۾ پاڪستان سوئيڊن فرينڊشپ جوڙيو ويو آهي، پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته آءِ پي يو ۽ ٻي سطح تي تعاون بهترين آهي، چيئرمين شاگردن لاءِ اسڪالرشپس وڌائڻ جي به تجويز ڏني. سينيٽ چيئرمين سوئيڊن کي نيٽو جو ميمبر بڻجڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته اسلاموفوبيا جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي آهي، هن سوئيڊن جي سفير کي ملتان جي دؤري جي دعوت ڏيندي چيو ته ملتان تاريخي شهر آهي، مقامي صنعت ۽ واپار کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. هن سفير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.