اسلام آباد- 21 جنوري (اي پي پي) وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ايم-6 موٽر وي (ڪراچيءَ کان سکر گرين فيلڊ موٽر وي) رٿا جي شروعات 2025ع ۾ ئي ڪئي ويندي ۽ هي موٽر وي صرف حيدرآباد تائين محدود نه هوندو پر ان کي ڪراچيءَ تائين وڌايو ويندو. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر محمد اسلم ابڙو ۽ سينيٽر شهادت حسين اعواڻ جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ايم-6 موٽر وي جي تفصيلي ڊزائين ۽ لاڳت جو ڪاٿو مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته گذريل چئن حڪومتن کان سندن دؤرن جي ڪارڪردگي جي باري ۾ پُڇجي. هن چيو ته هو پنهنجي 6 مهينن جي وزارت جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته اهو موٽر وي صرف سنڌ جو ناهي، پوري پاڪستان جو منصوبو آهي. هن چيو ته سمورين پارٽين جو اتحادي 22 سالن کان سياست ۾ آهيان، جيڪڏهن ڪو روڊ ڪنهن به حڪومت ۾ نه بڻيو ته اهي ذميوار آهن، مون لاءِ پ پ ۽ (ن) ليگ جي قيادت محترم آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ اتحاد ۾ رهيس، ان جي قيادت به محترم آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جي دل آزاري ٿي هجي ته ان تي معافي گُهران ٿو. هن چيو ته بلوچستان ۾ اين-25 شاهراهه به تمام اهم آهي، اين ايڇ اي پنهنجي فنڊز مان 45 سيڪڙو بلوچستان تي لڳائي ٿي، بلوچستان جي سموريون شاهراهون مقرر وقت تي مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي کان سکر تائين ايم-6 موٽر وي ايندڙ 25 سالن ۾ 3 هزار ارب رپيا ڪمائي ڏئي سگهي ٿو، هي منصوبو هلندڙ سال شروع ڪنداسين، ان منصوبي تي سنڌ حڪومت سان به صلاح مشورا ڪنداسين.