اسلام آباد / ڪيگالي – 20 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پهريون دور ڪيگالي ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آفريقا) حامد اصغر خان پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته روانڊا جي پرڏيهي وزارت جي مستقل سيڪريٽري ڪليمينٽائن موڪيڪا روانڊا جي وفد جي قيادت ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ سفارتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ تعاون جي رستن جي نشاندهي جي لاءِ گڏيل عزم تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي طرفن واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن بشمول ترجيحي واپاري معاهدي، دفاع ۽ سلامتي، تعليم، ثقافت، سائنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي سلسلي ۾ مفاهمت تي اتفاق ڪيو. ڌرين گڏيل عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو عزم ڪيو. ان کان اڳ ڌرين ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي قيام جي لاءِ مفاهمت نامي تي صحيحون ڪيون هيون.